|
آمريڪا ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏنو
وڃي: جان جمالي
|
 |
|
اسلام آباد (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مير جان محمد
جمالي پاڪستان ۽ آمريڪا جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن کي
فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهڙي طرح هڪٻئي
جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا
موقعا ملندا. هو آمريڪي سفارتخاني جي سينيئر اهلڪار مس
فاطمه سان ڳالهائي رهيو هو. جنهن ڪالهه سومر ڏينهن ساڻس
ملاقات ڪئي. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي
پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور
ڏيندي چيو ته اهي رابطا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوام جي خواهشن
۽ امنگن موجب ٺوس ۽ حقيقي بنيادن تي ٻطرفن لاڳاپن جو فروغ
۽ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار
ادا ڪري سگهن ٿا. |
|
|
|
|
|
|