سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برسات، 10 ڄڻا فوت، ٿڌ ۾ واڌ

ڪراچي (نمائندن وٽان+م ڊ) سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر حصن ۾ برفباري سميت تيز هوائن سان گڏ برسات پئي آهي. جنهن سبب ٿڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي. مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ روڊ حادثن ۾ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي. مختلف علائقن ۾ سائن بورڊ ڪرڻ ۽ روڊ حادثن جا اطلاع به مليا. جڏهن ته ملڪ جي ميداني علائقن ۾برساتن ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري وارو سلسلو جاري آهي. ڪشمير، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب ۾ برساتن ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري وارو سلسلو گذريل ڏينهن وقفي وقفي سان جاري رهيو، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ پڻ هلڪي برساتن وارو سلسلو جاري رهيو. موسميات کاتي مطابق اهو سلسلو ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين پڻ جاري رهندو. بلوچستان سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ برساتن وارو سلسلو جاري رهيو. ڪوئيٽا ۾ پڻ برفباري وارو سلسلو جاري رهيو جڏهن ته تيز برفباري ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب گذريل ڏينهن شاهراهه نيلم، ريشيانليپا، ڪهوٽا سميت ٻيون اهم شاهراهون ٽريفڪ لاءِ بند رهيون ۽ 5 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا. موسميات کاتي مطابق اسڪردو ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ڪاٽو 6. 4 رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران بالاڪوٽ ۾ 31، مظفرآباد ۽ دير ۾ 2، راولاڪوٽ ۾ 2، ڪاڪول ۾ 19، چترال ۾ 16، قلات ۾ 11، مري ۾ 9 ۽ ڪوئيٽا ۾ 7 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ٺيڙهي، ٻٻرلوءِ، پيرڳوٺ، احمدپور، ڪوٽڏيجي، گمبٽ، سڳيون، صوڀو ديرو ۽ ٻين علائقن ۾ طوفاني هوائن سان تيز برسات ۽ ڳڙو پيو، جنهن سبب انبن، ڪڻڪ، ڄامڀو، سرنهن، چڻا ۽ مٽر جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم پڻ ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال کانپوءِ فصلن جي آبادگارن کي نقصان پوڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. سوڀو ديرو ۾ موٽر سائيڪلون سلپ ٿيڻ ڪري اقبال ميراڻي، ابرار ميراڻي، لياقت علي، فهيم، عبدالرزاق، منير چنو، ادريس ۽ ٻيا زخمي ٿيا. سکر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪالهه جهڙيالي رهڻ بعد مينهن جو زوردار وسڪارو پيو جنهن سان هڪ پاسي ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ته ٻئي پاسي شهرين ۾ ملڪ جي خوشڪسالي واري صورتحال سبب خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي، شهر جا ڪيترائي رستا ميونسپل انتظاميه جي عدم دلچسپي سبب گندگي ۽ گندي پاڻي جي تلائن ۾ تبديل ٿي ويا آهن هوڏانهن تعلقه ناظم سکر سٽي محمد  نعيم صديقي برسات کان پوءِ شهر جي  مختلف علائقن جو يوسي ناظمن سان دورو ڪري عملي کي صفائي لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڪوهستان جي تعلقي ٿاڻي بولا خان جي اڪثر ماڳن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو. سري، نوري آباد، ڪلو کوهر، ٿاڻو احمد خان، ٿاڻو بولا خان ۾ هلڪي هلڪي وسڪاري کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو اچي ويو. جڏهن ته سپر هاءِ وي دادا ڀائي جي چڙهائي وٽ ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ مسافر بس پي 0950 برسات دوران ٿيڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي. نتيجي ۾ 10 سالن جي سلمه ڪنڀار، محمد ادريس، نديم، غفران حسين، مير منير احمد سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سگا ايمرجنسي سينٽر نوري آباد داخل ڪيو ويو. بدين، پنو عاقل، سامارو، پنگريو، ميرپور خاص، ڪنڌرا، عمرڪوٽ، ڇور، ڍورو نارو، ڪنري ۽ پٿورو ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي. ٽنڊي محمد خان، ماتلي، گهارو، ڌاٻيجي ۽ ٻين ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي. لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، خير محمد آريجا، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ به برسات پئي، جنهن ڪري ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. برسات سان فصل کي فائدو پهتو آهي.