|
قومي شاهراهه ۽ انڊس هاءِ وي کي ڳنڍڻ لاءِ 3 منصوبن تي ڪم
تيز |
 |
|
اسلام آباد (اي پي پي) حڪومت مواصلاتي رابطن کي بهتر ڪرڻ،
قومي شاهراهه ۽ انڊس هاءِ وي کي مختلف هنڌن تي هڪ ٻئي سان
ڳنڍڻ لاءِ 14 ارب 88 ڪروڙ روپين جي ٽن رٿائن تي ڪم شروع
ڪري ڇڏيو آهي جنهن هيٺ سنڌو درياءَ تي ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي،
نشتر گهاٽ، آمري ۽ قاضي احمد وارن هنڌن تي پليون تعمير
ڪيون وينديون. منصوبابندي ۽ ترقيات واري ڊويزن جي ذريعن
ٻڌايو ته نيشنل هاءِ وي اين 5 ۽ انڊس هاءِ وي 55 ملڪ جون
ٻه اهم شاهراهون آهن جيڪي ڪراچي کي ملڪ جي مٿانهين وارن
حصن سان ڳنڍينديون آهن. ذريعن ٻڌايو ته مختلف شهرن کي هڪ
ٻئي سان ڳنڍڻ ۾ به انهن شاهراهن جو اهم ڪردار آهي. ان لاءِ
مواصلات جي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ انهن ٻنهي شاهراهن
کي هڪ ٻئي سان جوڙيو پيو وڃي. ذريعن ٻڌايو ته ان منصوبي
تحت آمري ۽ قاضي احمد جي علائقن کي سنڌو درياءَ تي پل جي
تعمير جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويندو. منصوبي تي لاڳت جو
ڪاٿو ٽي ارب 68 ڪروڙ 30 لک روپيا لڳايو ويو آهي. ان پل جي
تعمير سان اين 5 ۽ اين 55 وچ ۾ رابطو قائم ٿيڻ کان علاوه
ضلعي بينظير آباد ۽ ڄامشورو جي ڪيترن ئي شهرن وچ ۾ فاصلو
پڻ گهٽ ٿي ويندو. هڪ ٻئي رٿا تحت اين 55 تي واقعي ڪنڌڪوٽ
کي اين 5 تي واقع شهر گهوٽڪي سان جوڙيو ويندو. رٿا تي خرچ
جو ڪاٿو 5 ارب 74 ڪروڙ 24 لک 22 هزار روپيا لڳايو ويو آهي. ان پل جي تعمير سان نه رڳو ملڪ جي مٿانهين وارن حصن سان
بلوچستان ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي متبادل رستو ملندو بلڪه گڊو
۽ سکر بيراج تي ٽريفڪ جو دٻاءُ پڻ گهٽجي ويندو. ٻن اهم
شاهراهن کي ڳنڍڻ جو هڪ ٻيو منصوبو نشتر گهاٽ تي پل جي
تعمير آهي جنهن تي 5 ارب 45 ڪروڙ 93 لک 29 هزار روپيا خرچ
ايندو. انهن رٿائن جي پڄاڻي سان ڀروارن علائقن ۾ اقتصادي ۽
واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. ٻارڻ جي بچت ممڪن ٿي سگهندي
۽ زميني رابطا وڌيڪ بهتر ٿيندا. |
|
|
|
|
|
|