|
آمريڪا ڊاڪٽر عافيه سان انصاف ڪري: نواز شريف |
 |
|
لاهور (م ڊ) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير اين ڊبليو پيٽرسن
ڪالهه نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي
آهي. ملاقات دوران ميان نواز شريف ڊاڪٽر عافيه معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته صرف
الزامن جي آڌار تي ڊاڪٽر عافيه تي فرد جرم لاڳو نٿو ڪري
سگهجي. آمريڪا ساڻس انصاف ڪري. هن چيو ته آمريڪا ڊرون حملا
بند ڪري طالبان خلاف ڪارروائي کان پهرين پاڪستان کي اعتماد
۾ وٺي. |
|
|
|
|
|
|