پاڪستاني ڌرتي ايران خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏبي، دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين: فهميده مرزا

تهران/اسلام آباد (آن لائن): قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ايراني پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير منوچهر متقي سان ملاقات ڪئي. ان دوران ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته پاڪستان ۽ ايران کي دهشتگردن مان گڏيل خطرو آهي. پاڪستان پنهنجي سرزمين ايران خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. ايران سان گڏجي دشمنن جو مقابلو ڪنداسين، سمورن خطرن کي ناڪام بڻايو ويندو. ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان پنهنجي تعلقاتن کي وڌيڪ اهميت ڏيون ٿا.