لاهور ۽ جهنگ ۾ نواز ليگ ڪامياب، جعفرآباد ۾ پ پ چونڊ کٽي ورتي، مائي جوري هارائي وئي

لاهور/جعفرآباد (بيورو/م ڊ): پنجاب جي ٽن ۽ بلوچستان جي هڪ تڪ تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ٻه سيٽون نواز ليگ، پ پ هڪ ۽ ليگ اعجاز الحق گروپ کٽي ورتي آهي. غير سرڪاري نتيجن موجب اين اي 123 لاهور تي نواز ليگ اميدوار ملڪ پرويز ڪاميابي ماڻي. سندس مخالف تحريڪ انصاف جو اميدوار خالد معراج ٻئي نمبر تي رهيو. پي پي 284 بهاولنگر تي اعجاز الحق گروپ جي شاهد انجم ۽ پي پي 25 جعفر آباد تي پ پ اميدوار ناصر جمالي ڪاميابي ماڻي. اهڙي ريت پي پي 82 جهنگ تي نواز ليگ اميدوار اعظم چيلا ليڊ ووٽ کڻي پ پ اميدوار غضنفر کي شڪست ڏئي ڇڏي.