ڪرپٽ ناظم جلد جيلن ۾ جنڊُ هلائيندا، پائي پائيءَ جو حساب وٺنداسين: دراني

شڪارپور (پ ر) شڪارپور ۾ شيخ برادري ۽ واپاري ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي مڪاني ادارن جي صوبائي وزير آغا سراج دراني جي مان ۾ هڪ خصوصي آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ مقامي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان گڏوگڏ شهر جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ سوين شهرين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير آغا سراج دراني آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اڳوڻا ڪرپٽ ناطم جلد جيل ۾ جنڊُ هلائيندا ۽ نئين بلدياتي نظام جي اچڻ کان اڳ  سنڌ ۾ ڪرپٽ ناظمن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ سندس ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه جي سنڌ جي گورنر سان ٿيل تازي ملاقات ۾ اڳوڻن ناظمن خلاف ايڪشن وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو. باقي اتحادي ڌريون اڳ ۾ ئي متفق آهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي 70 سيڪڙو ڪرپٽ ناظمن خلاف ڪارروائي آخري مرحلي ۾ آهي. آغا سراج دراني چيو ته اڳوڻن ڪرپٽ ناظمن جي ڪرپشن جي تحقيقات ايف آءِ اي، نيب، ائنٽي ڪرپشن، انٽيليجنس ادارن، اسپيشل انڪوائري ٽيمن ۽ عوامي شڪايتن جي آڌار تي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ناظمن کان پائي پائي جو حساب ورتو ويندو.