ريلوي جي نجڪاري خلاف ملازمن جا سڄي ملڪ ۾ مظاهرا

ڪراچي (پ ر): ريلوي ورڪرز يونين جي لسٽ تي ريلوي جي نجڪاري، زمينن جي وڪري، ڀرتين ۾ ملازمن جي ٻارن کي ڀرتي ڪرڻ، سمورن ملازمن جي پي اسڪيل اپ گريڊ ڪرڻ، ملازمن کي پلاٽ الاٽ ڪرڻ، پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ ۽ پراڪس نالي اداري کي ختم ڪرڻ ٺيڪيداري نظام خلاف، ڪراچي سميت سکر، ملتان، ڪوئٽا، لاهور، راولپنڊي، پشاور ۾ ڊي ايس آفيس سامهون احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سڀ کان وڏو مظاهرو ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي چيئرمين منظور رضي، سينيئر نائب صدر رضيه اعواڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن.