سپريم ڪورٽ جو جيڪب آباد جي فضيله  سرڪي کي 4 هفتن ۾ بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي(اي پي پي) سپريم ڪورٽ جيڪب آباد جي رهواسڻ 6 ورهين جي ڇوڪري فضيله سرڪي کي چئن هفتن ۾ بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته 4 هفتن ۾ ڇوڪريءَ کي بازياب ڪرائي لاڳاپيل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري، جسٽس چوڌري اعجاز ۽ جسٽس غلام رباني تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ فضيله سرڪي جي اغوا جي انساني حقن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ان موقعي تي سرڪار طرفان ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل فتح محمد ملڪ، ڊي پي او جيڪب آباد ثاقب اسماعيل ميمڻ ۽ مغوي ڇوڪريءَ جو پيءُ عبدالرزاق سرڪي پيش ٿيا.عبدالرزاق سرڪي عدالت کي ٻڌايو ته مارچ 2007ع ۾ ان جي 6 ورهين جي ڌيءُ فضيله سرڪي کي اغوا ڪيو ويو جنهن جو ڪيس لاڳاپيل ٿاڻي ۾ داخل آهي.عدالت طرفان پڇڻ تي هن چيو ته امڪان آهي ته سندس ڌيءُ کي گهوٽڪي جي چوطرف واري ڪچي جي علائقن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڪراچي، لاڙڪاڻو، ٺٽو، ملير ۽ سانگهڙ جي بار ايسوسيئيشنز وفد سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته بحالي کانپوءِ ۽ عدليه ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکاري.