هلندڙ مالي سال واپاري خسارو 19 سيڪڙو گهٽ رهيو

اسلام آباد (م ڊ): هلندڙ مالي سال 10-2009 جي پهرين 8 مهينن (جولاءِ کان فيبروري) دوران واپاري خسارو 9 ارب 42 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. جيڪو گذريل مالي سال جي ان وقت کان تقريبن 19 سيڪڙو گهٽ آهي. موجوده حڪومت جي پاليسين سبب خسارو گهٽ ٿيو آهي.