|
حيدرآباد (رپورٽ: اقبال ملاح) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم
علي شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه مٿان ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي
سنڌ پنهنجا اعتراض واري ڇڏيا آهن، سنڌو ۾ ايترو پاڻي ناهي
جو وڌيڪ ڊيم ٺاهيا وڃن، جي ايئن ٿيو ته سنڌ سڪي ويندي.
هو ڪالهه سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي حيدرآباد ۾ ڪوٺايل
زرعي ڪانفرنس ۾ خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.
هن چيو ته سنڌ جي نمائندن جون پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير
سان لاڳيتو گڏجاڻيون جاري آهن، اسان وفاق، ارسا ۽ پنجاب وٽ
سنڌ جي پاڻي جو ڀرپور ڪيس رکيو آهي.
هن چيو ته ڀاشا ڊيم تي ٻن ڌرين ۾ اختلافن بجاءِ اسان
اصولن جي ڳالهه ڪئي آهي، وفاق وفاق آهي، اسان کي ان لاءِ
احترام آهي پر اسين پاڻ کي به گهٽ نٿا سمجهون، وفاق آڏو
سنڌ جي ڳالهه چٽي نموني رکي آهي، صدر آصف علي زرداري، وزير
اعظم ۽ لاڳاپيل کاتي جي وزير آڏو انگن اکرن سان پاڻي بابت
سنڌ جو موقف رکيو آهي، اسين ڪنهن به صوبي سان ٽڪراءَ بجاءِ
معاملو ڳالهين ذريعي نبيرڻ چاهيون ٿا.
وڏي وزير آ بادگارن جي موقف سان اتفاق ڪندي چيو ته سنڌ جي
پاڻي جي چوري ٿي رهي آهي، پنج ند کان ڇڏيل پاڻي جي وچ مان
چوري ٿئي ٿي، سنڌ جي چيف انجنيئر کي پاڻي جي ٿيل چوري بابت
پيرا کڻڻ گهرجن ته جيئن صحيح ڄاڻ ملڻ کانپوءِ پنجاب آڏو
سنڌ جي پاڻي جي چوري ٿيڻ واري ڳالهه رکي سگهجي.
هن چيو ته 91ع واري ٺاهه موجب ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي
ڇڏڻ گهرجي، اسان جي گهر آهي ته ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ گهٽ ۾
گهٽ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي وڃڻ گهرجي، پاڻي جي اڻاٺ ان حد
تائين آهي جو واهه سڪل آهن ۽ ماڻهو پيئڻ جي پاڻي نه هجڻ
جون شڪايتون ڪن ٿا.
هن چيو ته 91ع واري ٺاهه بابت سي سي آءِ يا ٻئي لاڳاپيل
فورم تي نظرثاني لاءِ نه وڃبو، 91ع واري ٺاهه تي ئي عمل نه
ٿي رهيو آهي ته ان تي نظرثاني جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
هن چيو ته پاڻي وارو تڪراري معاملو ارسا ۾ اڪثريت ڏيکارڻ
سان حل نه ٿيندو، چارئي صوبا ڀائر آهن ۽ سڀني صوبن جي
ضرورتن کي ڏسي معاملا طئه ٿيڻ گهرجن.
هي مسئلو جنگ يا جهيڙي ذريعي نه پر ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ
سان ئي حل ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته 91ع ٺاهه تي عمل ٿيڻ گهرجي، جي ائين نه ٿيو ته
اها سنڌ سان ناانصافي هوندي.
وڏي وزير زرعي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان صوبي کي
سنوارڻ وارو جذبو رکون ٿا، سنڌ نعرن سان ترقي نه ڪندي، سنڌ
تڏهن جيئندي، جڏهن غريب ماڻهن کي فائدو پهچندو.
هن چيو ته سنڌ ۾
۷
ننڍا ڊيم ٺاهيا ويندا ۽ زراعت کي ترقي وٺرائي ويندي.
هن چيو ته هڪ ته سنڌ کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي
رهيو آهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ پاڻي جو وڏو ذيان ٿئي ٿو، جڏهن
جيڪب آباد کان دادو وارا علائقا ڏسجن ٿا ته پاڻيءَ سان
ڍورا ڀريل هوندا آهن، هڪ ڪاٿي موجب جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽
دادو ۾ ساريالي فصل دوران ذيان ٿيل پاڻيءَ مان هڪ لک ايڪڙ
زمين وڌيڪ آباد ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته اسان سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪندي پنهنجا
بوٽ گسايا پر جڏهن پ پ جي حڪومت آئي ته صدر آصف علي زرداري
۽ وزير ا عظم جي ڪوششن سان ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو حل ٿيو ۽
نئون اين ايف سي ايوارڊ ٿيو.
هن چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي غربت جو خاتمو آڻيندي،
بيروزگارن کي روزگار ڏنو ويندو ته جيئن شهيد محترمه بينظير
ڀٽو جو خواب پورو ڪري سگهون.
هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ويهي شوق شڪار ڪرڻ وارن زميندارن کي
ڀلي ۵
سئو ايڪڙ زمين هجي پر هو ڪمدار جي ڏنل ڄاڻ تحت فصل مان لاڀ
حاصل نٿا ڪن، ڏاهپ ۽ محنت ذريعي ئي لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو.
هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ڪري پاڻي جي کوٽ وڌندي، ماهر
ته ايئن به چون ٿا ته اڳتي هلي دنيا ۾ جنگ پاڻيءَ تي ٿيندي،
اسان کي پاڻي بچائڻ لاءِ جديد طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن.
هن چيو ته پاڻي جي کوٽ باوجود ڪڻڪ ۽ ٻئي فصل جو حدف پورو
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، گذريل سال به سنڌ ايتري ته ڪڻڪ
پيدا ڪئي جو گودام ڀرجي ويا هئا، هن چيو ته سنڌ جي
آبادگارن کي چين جي زرعي طريقن کي آڏو رکڻ گهرجي، چين ۾
اربين ماڻهو رهن ٿا پر سڀني کي گهر ۽ سٺي زندگي آهي.
هن چيو ته آبادگارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا
ويندا.
سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي:
سياستدان ۽ عالم
حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) سياسي،
سماجي، مذهبي پارٽين جي اڳواڻن چونڊيل نمائندن سنڌ جي پاڻي
تي ڌاڙن هڻڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته
چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ وارو منصوبو رد ڪري
سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌ
کي حق ۽ حاڪميت ڏني وڃي.
اهڙو اظهار سنڌ جي اڳوڻي گورنر مرحوم الحاج مير رسول بخش
ٽالپر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم مير علي احمد ٽالپر جي ياد
۾ مير برادري جي سالياني ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.
جلسي ۾ مسلم ليگ (ق) جو اڳواڻ ايم اين اي غوث بخش مهر،
جمعيت علماءِ پاڪستان جي مرڪزي صدر صاحبزاده ابو الخير
محمد زبير، ايم اين اي صلاح الدين، ايم پي اي وسيم احمد،
جماعت اسلامي جي اڳواڻ اسد الله ڀٽو، سيو سنڌ موومينٽ جو
سربراهه شاهه محمد شاهه، ايم اين اي گل محمد جکراڻي، ڊاڪٽر
نياز ڪالاڻي، مير حيدر ٽالپر، مير رفيق ٽالپر، مير بالاچ
خان ٽالپر، مير شير محمد ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪيو.
هنن خطاب ۽ قرارداد ذريعي وڌيڪ گهر ڪئي ته ملڪ جي مڙني
علائقن جي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، بلدياتي
چونڊن کي صاف شفاف بڻائي هڪ آزاد اليڪشن ڪميشن جوڙي وڃي،
شهيد محترمه بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، نواب اڪبر بگٽي،
مير بالاچ مري ۽ ٻين بلوچ ۽ سنڌي اڳواڻن جي قاتلن کي
گرفتار ڪري ڦاسي چاڙهيو وڃي، سياسي قيدي فوري آزاد ڪيا وڃن،
تعلقي ٻهراڙي جو نالو مياڻي رکيو وڃي، ملڪ مان دهشتگردي جو
خاتمو آندو وڃي.
صدر پاڻي تڪرار نبيرڻ لاءِ ارسا ۽ واپڊ اجو اجلاس گهرائي
ورتو
اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري پاڻي جي ورڇ وارو
تڪرار نبيرڻ لاءِ ارسا ۽ واپڊا جو گڏيل اجلاس 3 مارچ تي
اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي
تڪرار حل ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.
آبادگارن کي 5 هزار ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار ڏيڻ جو فيصلو
حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) زراعت
واري صوبائي وزير سيد علي نواز شاهه چيو ته آبادگارن کي
جديد زرعي اوزار ڏنا ويندا،
۵
هزار ٽريڪٽر ميرٽ تي ننڍن آبادگارن کي رعايتي اگهه تي ڏنا
ويندا.
هن چيو ته زرعي مارڪيٽ ۾ ماضي جي حڪومت ۾ پنجن پنجن ماڻهن
کي ساڳيا دڪان ڏنا ويا، اسين حقدار کي حق يا کين پئسا واپس
ڪرائڻ جون ڪوششون ڪنداسين.
ڪانفرنس کي صدر آصف علي زرداري جي خاص معاون ڪمال مجيدالله
۽ ٻين خطاب ڪيو. |