|
جنوري
۽ فيبروري ۾ عوام کان اربين رپيا اوڳاڙيندڙ حڪومت بند ڪمري
۾ ٿيل اوگرا جي فيصلي جي تائيد ڪري ڇڏي |
|
عوام
سان مذاق، حڪومت پيٽرول 6 رپيا وڌائي فقط 64 پئسا في ليٽر
گهٽايو |
 |
|
اسلام آباد (م ڊ) اوگرا تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان
ڪيو آهي، جنهن تحت پيٽرول 64 پئسا، ڊيزل هڪ رپيو 90 پئسا،
گاسليٽ 2 رپيا 56 پئسا ۽ هاءِ آڪٽن جي في ليٽر ۾ 78 پئسا
لاٿ ڪئي وئي آهي. تيل جون نيون قيمتون اڄ کان لاڳو هونديون.
حڪومت پاران تيل جي نين قيمتن کي عوام ٿڏي ڇڏيو آهي. مختلف
شهرن ۾ عوام پاران ظاهر ڪيل رد عمل ۾ چيو آهي ته زخمن تي
مرهم نٿو رکيو وڃي ته لوڻ نه ٻرڪيو وڃي. ٽرانسپورٽرن تيل
جي قيمتن ۾ لاٿ وارو فيصلو قبولڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي
ته جمهوريت جي نالي تي روز نوان ڊراما ڪيا ٿا وڃن، تيل جون
نيون قيمتون قبولڻ جوڳيون ناهن. واضح رهي ته جمهوري حڪومت
جنوري ۽ فيبروري مهينن ۾ تيل جي قيمتن ذريعي عوام کان
اربين رپيا اوڳاڙي چڪي آهي، جڏهن ته رليف ٽڪي برابر به نه
ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ پيٽرول جي قيمت ۾ في
ليٽر ۾ 6 رپيا، ڊيزل ساڍا 5 رپيا ۽ گاسليٽ في ليٽر 7 رپيا
مهانگو ڪيو ويو هو، پر اوگرا پاران اعلانيل قيمتن ۾ لاٿ
واري فيصلي عوام کي سخت مايوس ڪري ڇڏيو آهي. |
|
|
|
|
|
|