|
چلي ۾ زلزلي سبب مارجي ويلن جو انگ 300 کان وڌي ويو، 20 لک
متاثر |
 |
|
سان تياگو (اي پي پي) ڏکڻ امريڪا
جي ملڪ چلي ۾50 سالن کان پوءِ آيل شديد ترين زلزلي سبب
300 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 20 لک متاثر ٿيا.
زلزلي جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 8.8 درجو ريڪارڊ ڪئي وئي.
زلزلي کان پوءِ روس، جاپان ۽ نيوزي لينڊ سميت ماٺي سمنڊ
جي ڪيترن ئي ساحلي علائقن ۾سونامي جي واننگ جاري ڪئي.گادي
واري شهر سان تياگو ۾ عمارتون لڏي ويون ۽ ڪيترن ئي علائقن
۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. امريڪا جي ارضياتي اداري جي
ڄاڻ مطابق زلزلي جو مرڪز چلي جي شهر ڪونسيپشن ويجهو سمنڊ ۾
اٽڪل 60 ڪلوميٽر جي اونهائي ۾ هو. چلي جي عورت صدر ميچل
بيچلي ٻڌايو ته زلزلي سبب 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا
آهن جڏهن ته شديد متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي
آهي ته جاپان جي اتر ساحلي علائقي ۾ 12 انڇ جي سونامي جون
لهرون ريڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته اختيارين 2 لک 45 هزار گهر
خالي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. 50 هزار ماڻهن کي ٻئي
هنڌ منتقل ڪيو ويو.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بانڪي مون
چلي ۾ آيل زلزلي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته
گڏيل قومون ان ڏک واري گهڙي ۾ چلي جي عوام جي هر ممڪن مدد
ڪرڻ لاءِ تيار آهي. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم يوسف رضا
گيلاني چلي ۾ شديد زلزلي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي
چلي جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي مڪمل
همدردي جو اظهار ڪيو آهي،چلي جي صدر جي نالي پنهنجي تعزيتي
پيغام ۾ هنن قدرتي سانحي جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن
۾ چلي جي حڪومت ۽ عوام کي پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جي خاطري
ڪرائي. |
|
|
|
|
|
|