|
ملڪ جي اترين علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شدت 6.2 رڪارڊ |
 |
|
اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان جي
اترين علائقن ۾ آچر ڏينهن صبح سوير جو وچولي درجي جي زلزلي
جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل مطابق جهٽڪن جي شدت
6.2
رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ
مطابق زلزلي جا لوڏا سوات، لوئر دير، بونير، هنگو، مالاڪنڊ،
شانگلا، نوشهره، بالاڪوٽ، اٽڪ، پشاور، مهمند ايجنسي ۾
محسوس ڪيا ويا. زلزلي جو مرڪز 140 ڪلوميٽر چترال ضلعي جي
اولهه هندو ڪش جبل افغانستان رينج هو. موسميات کاتي جي چيف
ميٽرولاجيڪل آفيسر محمد رياض "اي پي پي" کي ٻڌايو ته يو
ايس جيولاجيڪل سروي مطابق زلزلي جو مرڪز افغانستان جي
گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ 175 ڪلوميٽر پري اتر اولهه هو،
جنهن جي شدت 5.7
رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته زلزلي جي جهٽڪن کان پوءِ به ٻن
يا ٽن ڏينهن اندر ساڳئي ئي علائقي ۾ 5.6
شدت جي زلزلي جا جهٽڪا اچي سگهن ٿا. |
|
|
|
|
|
|