|
پاڪستان لاءِ هڪ ارب 45 ڪروڙ ڊالر امداد جو دستاويز
ڪانگريس حوالي |
 |
|
واشنگٽن (آن لائن) آمريڪا پاڪستان کي هلندڙ سال هڪ ارب 45
ڪروڙ ڊالر امداد فراهمي لاءِ دستاويز ڪانگريس کي موڪلي ڇڏي
آهي. اها رقم گذريل سال پاڪستان لاءِ منظور ڪيل ساڍن ستن
اربن جي امدادي پيڪيج جو حصو آهي. آمريڪي حڪومت توانائي،
زراعت، پاڻي ۽ تعليم جي شعبن ۾ ترقي ۽ انتهاپسندي،
دهشتگردي سبب متاثر علائقن جي واڌاري لاءِ امدادڏيڻ چاهي
ٿي. |
|
|
|
|
|
|