|
صدر کي پرڏيهه ۾ به تحفظ، عدليه انتظامي معاملن ۾ مداخلت
پئي ڪري: اعتزاز احسن |
 |
|
اسلام آباد (آن لائن)پيپلز پارٽي
جي مرڪزي اڳواڻ ۽ مشهور قانوندان بئريسٽر اعتزاز احسن چيو
آهي ته عدليا ڪجهه انتظاميا جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهي
آهي. کنڊ جون قيمتون مقرر ڪرڻ عدليا جو ڪم نه هو. حڪومت
سپريم ڪورٽ جي هدايت تي سوئس عدالت کي خط لکندي پر صدر کي
نه صرف ملڪ ۾ پر ٻاهرين ملڪ جي عدالتن ۾ به تحفظ حاصل آهي.
صدر کي غيرآئيني طريقي سان هٽايو ويو ته تمام بري روايت
قائم ٿي ويندي. بينظير ڀٽو قتل جي جاچ ڪندڙ يو اين جي
ڪميشن محدود آهي، ان مان بلڪل مطمئن ناهيون. خانگي ٽي وي
کي انٽرويو ڏيندي اعتزاز چيو ته ججن جي مقرري معاملي تي
منهنجو ڪو ڪردار نه هو، ها باقي مون مشورا ضرور ڏنا. صدر
کي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ جاچ لاءِ پوليس به طلب نٿي ڪري سگهي.
وزيراعظم ججن جي مقرري حوالي سان چيف جسٽس جي سمورين
سفارشن صدر جي مرضي ۽ حمايت سان حاصل ڪئي. هن چيو ته عدليا
صدر کي مليل تحفظ ختم ڪرڻ نٿي چاهي. عدليا نظام ڊسٽرب ڪرڻ
نٿي چاهي نه ئي ايئن ٿيندو. حڪومت تبديل نه ٿيندي. ڊيڊ
لائنون گذري وينديون. فوج جو ججن جي مقرري حوالي سان ڪو
ڪردار نه هو. آرمي چيف سان ڪڏهن به لڪ ۾ ناهيان مليو.
چونڊيل صدر کي هٽائڻ ڇو ضروري آهي؟ صدر ۽ وزيراعظم سڀني جا
پسنديده ناهن هوندا. پ پ ۽ عدليا مان ڪنهن جي چونڊ ڪرڻي
پئي ته پ پ جي ڪندس. مان پ پ جو ڪارڪن آهيان ۽ رهندس. نواز
شريف جا احسان آهن. صدر، پ پ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سنڌ
ڪارڊ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ صوبائي نه پر وفاقي پارٽي
آهي. ناهيد خان ۽ صفدر عباسي پارٽي جا اثاثا آهن، ان ڪري
انهن جي واپس اچڻ جي ڳالهه ڪندو آهيان. |
|
|
|
|
|
|