|
پاڻي ورهاست تي اعتراض اجايو آهي: راڻا ثناءُ
الله |
 |
|
لاهور (آن لائن) قانون واري پنجاب جي وزير ۽ پنجاب حڪومت
جي ترجمان راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڻي جي ورهاست
حوالي سان سنڌ جو اعتراض صحيح ناهي. چشما جهلم ڪئنال ۾
اسان جي حصي جو پاڻي اسان کي پورو ناهي مليو. نجي ٽي وي
سان ڳالهائيندي هن چيو ته ارسا 12 فيبروري تي پنجاب جي
موقف کي درست قرار ڏنو آهي. سي جي لنڪ ڪئنال ۾ پنجاب طرفان
2 هزار ڪيوسڪ جي قرباني باوجود سنڌ مطمئن نظر نه ٿو اچي.
سنڌ هن اشو کي سياسي رنگ نه ڏئي منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي کوٽ
آهي. سنڌ کي سوچڻ گهرجي. پنجاب ۾ ڪڻڪ جو فصل سٺو ٿيندو ته
ان جو فائدو سنڌ کي به ٿيندو. اسان پهريون به سنڌ کي مفت ۾
ڪڻڪ ڏني آهي. صوبن کي پاڻي جي کوٽ گڏجي برداشت ڪرڻي پوندي. |
|
|
|
|
|
|