پنجاب خاطر سنڌ سڪائي پئي وڃي: خالد محمود

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته گوليون ۽ قيد خانه اسانجو رستو نه ٿا روڪي سگهن، اسانجو مقصد الله جي زمين تي الله جو نظام قائم ڪرڻ آهي. حڪمران پنجاب جي 30 سيڪڙو زمين آباد ڪرڻ خاطر ڪالاباغ ڊيم اڏي سڄي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. اهڙو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ جمعيت طلبه اسلام جي حيدري محلي ۾ کوليل ضلعي آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءُ اسان سنڌين جي ملڪيت آهي، هر قيمت تي حق وٺنداسين جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندا رهنداسين. هن چيو ته جي ٽي آءِ ڪردار ۽ عمل سان غازي پيدا ڪيا آهن، جمعيت مسٽر ۽ ملان جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل پليٽ فارم ڏنو آهي. هن چيو ته تعليم جي ڪمزوريءَ سان قومي مفاد ڪمزور ٿيندا پيا وڃن انڪري حڪمرانن کي گهرجي ته تعليم جي شعبي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏين. جيڪڏهن تعليم جي بهتري ۽ واڌ ويجهه لاءِ عملي قدم نه کنيا ويا ته تيز رفتار ترقيءَ واري دور ۾ اسان پٺتي رهجي وينداسين. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو گمبٽ جي صحافي عاشق منگي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ملوث قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. تقريب کي جي ٽي آءِ جي صوبائي صدر نصير ڀٽو، ضلعي صدر حافظ الياس احمد چنو، حافظ عمران ميراڻي ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.