|
هندستان جامع ڳالهين لاءِ شرط نه رکي: عبدالباسط |
 |
|
اسلام آباد
(اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عبدالباسط چيو آهي ته
جيڪڏهن ڀارت ڪو اڳواٽ شرط لاڳو نه ڪري ته پاڪستان ان سان
جامع ڳالهين جي عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. گذريل ڏينهن
هڪ خانگي ٽي وي چئنل کي ٽيليفون تي ڏنل هڪ انٽرويو ۾
ترجمان چيو ته پاڪستان پڻ جامع ڳالهين جي عمل ۾ شامل ٿيڻ
جي لاءِ ڪيتريون ئي اڳواٽ شرطون لاڳو ڪري سگهي ٿو پر اهو
ڀارت سان پنهنجن ٻه طرفن معاملن کي حل ڪرڻ جي لاءِ هاڪاري
ڳالهين واري عمل ۾ يقين رکي ٿو. هن چيو ته بال هن وقت ڀارت
جي "ڪورٽ" ۾ آهي. هن اها ڳالهه ڀارتي وزيراعظم من موهن
سنگهه جي ان بيان جي جواب ۾ چئي آهي جنهن ۾ ڀارتي وزيراعظم
پاڪ-ڀارت تڪرارن جي نبيري جي لاءِ جامع ڳالهين کي واحد
رستو قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستاني وفد هڪ هاڪاري سوچ
سان ڀارت جو دورو ڪيو، اسان ڀارتي عملدارن کي روڊ ميپ
فراهم ڪيو ۽ هاڻي اهو انهن تي دارومدار رکي ٿو ته اهي ان
روڊ ميپ جو هاڪاري جواب ڪڏهن ٿا ڏين. هن چيو ته ڳالهين جو
سلسلو جاري رکڻ نه رڳو پاڪستان ۽ ڀارت پر سڄي خطي جي
ڀلائي ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڀارت سان ڳالهين
جي حوالي سان مايوس نه ٿيو آهي پر ٻنهي ملڪن جي ائٽمي طاقت
هئڻ سبب اهو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ته پنهنجن اختلافن ۽
تڪرارن کي سڄي خطي جي سلامتي جي لاءِ ڳالهين وسيلي حل ڪن.
هن چيو ته دهشتگردي جي معاملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهو پڻ
ضروري آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي سان سهڪاري نموني ڪم ڪن.
|
|
|
|
|
|
|