|
دهشتگردن پاڪ-هند کي نقصان پهچايو، سعودي بهتري لاءِ ڪردار
ادا ڪري سگهي ٿو: هندستان |
 |
|
نئين دهلي/رياض (آن لائن) هندستاني وزيراعظم من موهن سنگهه
چيو آهي ته هو پاڪستان سان دهشتگردي کان پاڪ ماحول ۾ ڪشمير
سميت سمورن معاملن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. دهشتگردن
اسان کي نقصان پهچايو آهي. ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪو رستو
ناهي پاڙيسري ملڪ سان امن ۽ لاڳاپا بهتر رکڻ خواهش آهي. من
موهن سنگهه 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتو آهي.
هوڏانهن هندستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ششي
گرو چيو آهي ته سعودي عرب پاڪ-هند لاڳاپن جي بهتري ۾ ڪردار
ادا ڪري سگهي ٿو. هندستان ۽ سعودي کي گڏيل دهشتگردي جهڙا
مسئلا آهن. هن جي اهڙي بيان تي اپوزيشن سميت ڪانگريس حڪومت
به ڪاوڙجي پئي آهي. |
|
|
|
|
|
|