پاڪ-هند ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آمريڪا ڪردار ادا ڪري: آمريڪي اخبارون

واشنگٽن (اي پي پي) آمريڪا جي ٻن وڏين اخبارن نيو يارڪ ٽائيمز ۽ ڪرسچن سائنس مانيٽر ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 25 فيبروري تي نئين دهلي ۾ ٿيل ڳالهين جو ڪو جوڳو نتيجو ظاهر نه ٿي سگهيو آهي تنهن ڪري هاڻي آمريڪا کي ٽياڪڙي ڪري ٻنهي ملڪن کي پنهنجن مسئلن جي نبيري لاءِ همٿائڻ گهرجي. پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽرين وچ ۾ ٿيل ڳالهين کان پوءِ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري نيروپما رائو چيو هو ته هوءِ ان ڳالهه تي راضي آهي ته پنهنجي پاڪستاني  هم منصب سلمان بشير سان رابطو جاري رکندي پر مستقبل ۾ ڪي به جامع ڳالهيون نه ٿينديون.امريڪي اخبارن  جو چوڻ آهي ته  اوباما انتظاميه کي ڪشمير سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ سفارتي ڪوششن وسيلي پاڪستان ۽ ڀارت جي مدد ڪرڻ گهرجي ڇو ته ٻنهي ملڪن ۾ ان تڪرار جي ڪري خطي جي امن تي برو اثر پئجي رهيو آهي.نيو يارڪ ٽائيمز هڪ ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته اوباما انتظاميه کي ڄاڻ آهي ته  ڀارت ۽ پاڪستان لاءِ تڪرارن کي نبيرڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ڪيڏو اهم آهي.