پنجاب سنڌ سان پاڻي تي زيادتيون بند ڪري: يوسف ٽالپر

ڪنري (ن ع آ) : ڪنري لڳ سندس ڳوٺ ۾ تقريب ۾ پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر ۽ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي موجودگي ۾  يوسف ٽالپر چيوته مون کي سنڌ جو ڪيس وڙهڻو آهي. جنهن لاءِ عملي طور تياريون هلندڙ آهن. اتحادين کي گڏ هلائڻ لاءِ وڏن شهرن ۾ ايڊمنسٽريٽرن جي مقررين ۾ حڪومت ڪجهه اڻوڻندڙ فيصلا ڪيا آهن. هن چيوته مڪاني نظام صوبن حوالي ڪرڻ سان صوبائي خودمختياري محسوس ٿي رهي آهي. ايندڙ بلدياتي نظام ۾ بهتر تبديليون اينديون. صوبائي خودمختياري تڏهن ممڪن آهي جڏهن عوام کي هيٺين سطح تي رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته مٿين سطح تي بهتري آئي آهي پر هيٺين سطح تي تبديلي جي ضرورت آهي. هن چيو ته چشما جهلم ڪئنال کولڻ غير آئيني عمل آهي. پنجاب سنڌ سان زيادتيون نه ڪري ته بهتر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ مسئلن جو حل ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرائڻ بعد ئي ممڪن آهي. هن واهن ۽ شاخن تي رينجرس مقرر ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ٺٽي ۽ ڪنري جي پوڇڙين ۾پاڻي جي سخت کوٽ آهي. منڍ جي آبادگارن کي پوڇڙي وارن جو خيال ڪرڻ گهرجي. ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر چيو ته ناظمن مان جند ڇٽڻ بعد ايڊمنسٽريٽرن جي مقررين سان اسان کي عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ سولائي ٿيندي.