|
ملڪ ۾ مذهبي فساد ڪرائڻ جي سازش ٿي، ملڪ دشمن عنصر ملوث
آهن: رحمان ملڪ |
 |
|
ڪراچي(اي پي پي) وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ملڪ
۾ وڳوڙ ۽ فرقيواراڻي نفرت پکيڙڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اسان
سڀني کي گڏجي شرپسندن جي اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻو
پوندو. فيصل آباد ۽ ڊيره اسماعيل خان جي واقعن جي جاچ لاءِ
گڏيل جاچ ڪميشن جوڙي وئي آهي. هن اهڙو اظهار آچر ڏينهن هتي
رينجرس هيڊڪوارٽر ۾ ديوبندي بدسلوڪي فرقن سان تعلق رکندڙ
عالمن جي هڪ اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾
عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي فيصل آباد، ڊيره اسماعيل
خان ۽ ڪراچي ۾ جزوي طور تي ٿيل اڻوڻندڙ واقعن تي تفصيلي
غور ۽ فڪر ڪيو ويو ۽ انهن واقعن جي شديد مذمت ڪئي وئي ۽ ان
تي انتهائي افسوس ۽ ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ويو. وفاقي گهرو
وزير چيو ته پاڪستان ۽ اسلام جا دشمن اهڙين ڪارروائين ۾
ملوث آهن، اسان سڀني کي گڏجي انهن جي سازشن کي ناڪام
بنائڻو پوندو. هن چيو ته وڳوڙ ڪرائيندڙ ڪنهن به صورت ۾
مسلمان نٿا ٿي سگهن، رحمان ملڪ چيو ته شر پسندن خلاف سخت
ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ سڀني فرقن
جي عالمن کي اپيل ڪئي ته فورن امن قائم ڪيو وڃي ۽ ڇڪتاڻ ۾
ملوث ٻئي ڌريون گڏيل طور تي امن ڪميٽي قائم ڪن. اجلاس ۾
عالم سڳورن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انهن واقعن ۾ فوت ٿي
ويلن جي وارثن کي (10 لک روپيا في فوتي جي وارثن ۽ هڪ لک
روپيا في زخمي جي حساب سان) فوري طور تي معاوضو ادا ڪيو
وڃي ۽ زخمين جي علاج جو بهتر بندوبست ڪيو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو
شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيا ويا آهن، انهن کي فوري طور تي
آزاد ڪيو وڃي، جن ماڻهن جو مالي نقصان ٿيو آهي، ان جي
تلافي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ڪراچي،
حيدرآباد، سڄي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ عيد ميلاد النبي صه جو
ڏينهن امن امان سان گذريو، اهو سڀ ڪجهه عالمن جي سهڪار ۽
انتظاميه پاران بهتر سڪيورٽي جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. اجلاس
۾ مفتي منيب الرحمان، مولانا محمد السعد ٿانوي، مولانا
محمد عادل خان، مولانا محمد ريحان احمد، شاهد غوري،
مولانا محمد عثمان، طارق محبوب ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي.
|
|
|
|
|
|
|