|
مالياتي ڏوهن تي 5 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي تجويز |
 |
|
ڪراچي (آن لائن) : وفاقي ويليو ايڊڊ ٽيڪس جي موجوده مسودي
۾ حڪومت مالياتي ڏوهن جي لاءِ 5 سالن تائين قيد جي سزا ۽ 5
لک ريپا ڏنڊ جي تجويز ڏني آهي. آءِ ايم ايف جي شرط تحت
جولاءِ کان لاڳو ٿيندڙ مسودي ۾ جعلي ٽيڪس وٺڻ جي صورت ۾ 5
سال قيد ۽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا تجوير ڪئي وئي آهي. جعلي
دستاويزن ۽ غلط معلومات ڏيڻ تي به 5 سال قيد ۽ 25 هزار ڏنڊ
جي سزا جي سفارش ڪئي وئي آهي. مسودي موجب ٽيڪس ادا نه ڪرڻ
جي صورت ۾ 3 سالن تائين قيد ۽ 10 هزار ڏنڊ رپيا ڏنڊ جي سزا
هوندي. ذريعن موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو جي عملدارن کي
رڪارڊ ۽ گودام تائين پهچ نه ڏيڻ تي 3 سال قيد جي سزا ۽ 25
هزار ڏنڊ جي تجويز ڪئي وئي آهي. |
|
|
|
|
|
|