|
عوامي ليگ طرفان ننڍي چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان، ڌانڌلي تي
ڪميشن جاچ ڪري: شيخ رشيد |
 |
|
لاهور (م ڊ) عوامي مسلم ليگ اين اي 123 لاهور ۽ پ پ 82
جهنگ ۾ ننڍي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. شيخ رشيد جو
چوڻ آهي ته اين اي 55 تي ڌانڌلي سان پنجاب حڪومت جي شڪل بي
نقاب ٿي وئي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مون کي
بي وفائي جو طعنو ڏيندڙ پاڻ بي وفائي ڪري ڀڄي ويا. ٻن
ماڻهن پروگرام ڪري پيٽ ۾ ڇرو هنيو. چيف جسٽس ڌانڌلي جي جاچ
لاءِ ڪميشن قائم ڪري. بينطير ڀٽو کي شهيد سمجهان ٿو ۽سمجهندو
رهندس. هوڏانهن لاهور جي 123 تڪ تي ق ليگ جماعت اسلامي جي
حق ۾ هٿ کڻي ويو. |
|
|
|
|
|
|