ڪرڪ ۽ لڌا ۾ ٿاڻڻ تي حملا، اهلڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا، 17 ويڙهاڪن جا لاش هٿ

پشاور (م ڊ) ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي لڌا جي علائقي زاور چيڪ پوسٽ تي راڪيٽ حملي ۽ پشاور  جي ضلعي ڪرڪ جي پوليس اسٽيشن تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا آهن. مارجي ويلن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي. جڏهن ته 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. هوڏانهن ايف آر ڪوهاٽ جي علائقي دره آدم خيل ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀرسان 17 ڄڻن جا لاش مليا آهن، جن جي شدت پسند طور سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.