|
پاڻي کوٽ 32 سيڪڙو برقرار، بجلي گهر اڏڻ خلاف سنڌ جي
نظرثاني واري پٽيشن منظور، جائزي لاءِ ڪيس آفيسر مقرر |
|
ارسا پنجاب تي مهربان، سنڌوءَ مان 11 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ
جي اجازت |
 |
|
اسلام آباد (م ڊ/ايجنسيون): ارسا پنجاب کي سنڌوءَ مان وڌيڪ
11 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد
۾ ارسا جو اجلاس چيئرمين امان گل جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾
پنجاب کي چشما جهلم لنڪ ڪينال ٻيهر کولڻ جي اجازت نه ڏني
وئي پر کيس سنڌو مان وڌيڪ 11 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي اجازت
ڏني وئي. ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ صدر آصف
زرداري پاران سڏايل گڏجاڻي بابت غور ويچار ڪيو ويو. اسلام
آباد ۾ ارسا جو اجلاس چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن کان
اڳ وفاق، سنڌ ۽ پنجاب بند ڪمري اندر ڌار گڏجاڻي ڪري پاڻي
تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب ارسا
جو غيررسمي اجلاس پنجاب پاران چشما جهلم لنڪ ڪينال ٻيهر
کولڻ واري درخواست تي سڏايو ويو، جنهن ۾ سنڌ ان تي اعتراض
واريندي ڪينال کولڻ جي سخت مخالفت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي
ته سنڌ جي اعتراض کانپوءِ ارسا جو غيررسمي اجلاس بنا نتيجي
ختم ٿي ويو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ارسا اجلاس ۾ صدر
آصف علي زرداري پاران پاڻي تڪرار جي حل لاءِ سڏايل اجلاس
بابت غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس
۾ ٻڌايو ويو ته ربيع جي فصل لاءِ سنڌ ۽ پنجاب لاءِ 32
سيڪڙو پاڻي جي کوٽ برقرار آهي. ارسا ترجمان موجب چشما جهلم
لنڪ ڪينال کولڻ واري پنجاب جي درخواست تي ارسا جو ڪو به
اجلاس نه ٿيو آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو اجلاس رٿيل هو. هوڏانهن
نيپرا چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ واري فيصلي
خلاف سنڌ جي نظرثاني واري پٽيشن قبول ڪندي جائزو وٺڻ لاءِ
ڪيس آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا موجب چشما جهلم لنڪ
ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ واري فيصلي خلاف سنڌ نظرثاني واري
پٽيشن داخل ڪرائي آهي، جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪيس آفيسر
مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيس آفيسر نظرثاني واري پٽيشن جو جائزو
وٺي رپورٽ پيش ڪندو ته اها ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه، ان کان پوءِ
ئي بجلي گهر بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو. نيپرا ترجمان
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪيس آفيسر کي سنڌ جي
نظرثاني واري پٽيشن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ جلد کان جلد
رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيپرا ترجمان جو چوڻ
هو ته ڪيس آفيسر جي رپورٽ کانپوءِ منصوبي سان لاڳاپيل
سمورن اسٽيڪ هولڊرن جو اجلاس سڏايو ويندو، ان بعد بجلي گهر
بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو. چشما جهلم لنڪ ڪئنال ريگيولر
ڪئنال نه هجڻ باوجود ان تي خوشاب ضلعي وٽ بجلي گهر اڏڻ جا
سانباها ڪيا پيا وڃن، جنهن تي سنڌ سخت اعتراض واريا آهن.
|
|
|
|
|
|
|