صدر جي اهليت خلاف درخواست سڌي ريت اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪرڻ سبب اها ٻڌڻ جي قابل ناهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اليڪشن ڪميشن صدر زرداري جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو، اهليت خلاف

 پٽيشن رد

اسلام آباد (اي پي پي / م ڊ)چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ حامد مرزا صدر آصف علي زرداري جي چونڊ اهليت خلاف داخل درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن ستن صفحن تي ٻڌل اهو فيصلو مولوي اقبال طرفان داخل درخواست تي ڏنو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس ۾ ٽن ٻين درخواست گذارن جون درخواستون به رد ڪري ڇڏيون، چيف اليڪشن ڪمشنر 4 فيبروري تي ان درخواست تي ابتدائي ٻڌڻي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ 25 فيبروري تي مولوي اقبال حيدر پنهنجي درخواست جي حق ۾ دليل ڏنا هئا، سندس موقف هو ته صدارتي چونڊ جي موقعي تي اين آر او لاڳو هو تنهن هوندي به ان جي ختم ٿيڻ کان پوءِ هاڻي ٻيهر پڙتال ٿيڻ گهرجي، چيف اليڪشن ڪمشنر مولوي اقبال حيدر جي درخواست کي ناڪافي شاهدين جي بنياد تي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ لکيو آهي ته صدر جي اهليت خلاف درخواست سڌي ريت اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪرڻ سبب اها ٻڌڻ جي قابل ناهي. تفصيلي فيصلي ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته پارليامينٽ ميمبر جي چونڊ اهليت جو معاملو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين سامهون اٿاريو وڃي ٿو ۽ آئين تحت صدر جي اهليت خلاف آواز اٿارڻ جو به ساڳيو طريقو آهي. مولوي اقبال حيدر درخواست ۾ صدر آصف علي زرداري کان سواءِ صدارتي اميدوارن جسٽس ريٽائرڊ سعيد زمان صديقي، مسلم ليگ (ق) جي سيڪريٽري جنرل مشاهد حسين سيد ۽ وفاق کي ڌر بڻايو هو. سيڪريٽري اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين تحت هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، جيڪا حڪومت جي ماتحت ناهي، بلڪه آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري ٿو.