وزيراعظم 23 مارچ کان پهرين 17 هين ترميم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (آن لائن): وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ميثاق جمهوريت تحت صدر ۽ وزيراعظم جي اختيارن ۾ توازن پيدا ٿيڻ بعد تنقيد جو هدف هو پاڻ  بڻجڻ وارو آهي ۽ ان لاءِ هو ذهني طور تيار آهي. اسلام آباد ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جيڪالم 3 آفيس جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته پبلڪ سيڪٽر ۾ سبسڊي  جي عمل کي بهتر ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته شوڪت ترين ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏني آهي، تنهن هوندي به کيس ان ڳالهه لاءِ قائل ڪيو ويو آهي ته هو ايڊوائيزري ڪائونسل لاءِ صلاح مشورن جو سلسلو جاري رکندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته رڪشا ۾ جنم وٺندڙ ٻار جي پيدائش بابت هن ڪا به غلط ڳالهه نه ڪئي آهي، هن چيو ته هو پاڻ ڪراچي ۾ ۽ سندس سالِي هڪ ڪار ۾ پيدا ٿي هئي. وزيراعظم کان جڏهن هڪ لابي پاران سندس خلاف مهم شروع ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو ته ان جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ميثاق جمهوريت تحت صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختيارن جي توازن کانپوءِ تنقيد جو فوڪس سندس ذات هوندي ۽ ان لاءِ هو ذهني طور تيار آهي.