|
ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي تي اتفاق، صوبائي خودمختياريءَ بابت
اختلاف برقرار |
 |
|
اسلام آباد (آن لائن): آئيني سڌارن واري ڪميٽي ڪنڪرنٽ لسٽ
ختم ڪرڻ تي مڪمل طور اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نواز ليگ
ق ليگ جي مخالفت سبب صوبائي خودمختياري جي ڪيترن ئي شقن تي
اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. ننڍن صوبن، پرڏيهي، بچاءُ، ڪرنسي
۽ مواصلات کان علاوه باقي کاتا صوبن حوالي ڪرڻ جو مطالبو
ڪري ڇڏيو. آئيني سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي آئين ۾
ترميمن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن کي 16 مارچ تائين
پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. آئيني ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه
پارليامينٽ هائوس ۾ چيئرمين رضا رباني جي صدارت ۾ ٿيو.
قانون سازي بابت وفاقي فهرست جو جائزو ورتو ويو. |
|
|
|
|
|
|