ڪڪڙ ۾ پيءُ معصوم ڌيءُ 50 هزارن ۾ پيرسن کي وڪڻي ڇڏي، زوري شادي جي ڪوشش

ڪڪڙ (ن ع آ) ٿرڙي جادو ٿهيم ۾ خان محمد سولنگي پنهنجي ڌيءُ 12 سالن جي زاهده 50 هزارن ۾ پنهنجي ويجهي عزيز شير محمد سولنگي کي وڪرو ڪري ڏني ۽ مڱڻي ۽ نڪاح جي رسم شروع ٿي رهي ته ايس پي او عمر شاهاڻي ۽  ايس ايڇ او علي حيدر چارڻ ڪنواريتن جي گهر ڇاپو هنيو ته ڄاڃين ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جنهن تي پوليس ناري جي وارثن ۽ گهوٽيتن کي چيو ته مڱڻي جي رسم معطل ڪيو ڇو ته ناري نا بالغ آهي ۽ ناري جي مرضي بنا نڪاح نه ٿيندو. هوڏانهن پيرسن گهوٽ شير محمد ميڊيا کي چيو ته مان 50 هزارن ۾ خان محمد سولنگي جي ڌي زاهده جو سڱ ورتو آهي، اسين  ٻئي ڌريون راضي آهيون. هڪ ٻئي کي اسان جون نياڻيون ڏنل آهن. هوڏانهن 12 سالن جي ڪنوار ناري زاهده چيو ته مان پنهنجي ٿيندڙ گهوٽ سان راضي آهيان ۽ خوشي سان نڪاح ڪنديس مون کي ڪنهن به ورغلايو نه آهي. ٿيندڙ مڙس منهنجو ويجهو عزيز آهي. هوڏانهن ايس پي او چيو ته ڊي پي او دادو نوٽيس ورتو آهي، جنهن ناري کي اڄ دادو سيشن ڪورٽ ۾ 164 بيان وٺڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو.