|
سنڌ حڪومت جيالن جي احتجاج تي 4 ٽائون ايڊمنسٽريٽرن کي
هٽائي ڇڏيو |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر/نمائندو) سنڌ حڪومت ڪراچي جي 4 ٽائونز
۾ روينيو آفيسرن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ واري فيصلي خلاف
پ پ ڪارڪنن جي احتجاج بعد روينيو آفيسرن کان چارج واپس وٺي
ٽي ايم اوز حوالي ڪئي وئي آهي. پ پ ڪارڪنن گڏاپ، لياري،
ڪياماڙي ۽ بن قاسم ٽائون ۾ روينيو آفيسرن کي ايڊمنسٽريٽر
مقرر ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو، جنهن کانپوءِ مڪاني ادارن واري
صوبائي وزير آغا سراج دراني روينيو آفيسرن کي هٽائڻ جو
حڪم ڏنو. بن قاسم، لياري، گڏاپ ۽ ڪياماڙي ٽائون مان روينيو
آفيسرن کي هٽائي ٽي ايم اوز کي ايڊمنسٽريٽرز مقرر ڪرڻ جو
نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪالهه صبح ڪراچي جي
بلدياتي نظام جي خاتمي بعد ٽائون ناظمن جي جڳهه تي
ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي مسئلي تي پاڪستان پيپلز پارٽي
ملير جي قيادت حڪومت طرفان گڏاپ ۽ بن قاسم ٽائون ۾ مقرر
ڪيل ايڊمنسٽريٽر ايوب مري ۽ مهدي شاهه جي مقرري خلاف سخت
احتجاج ڪندي کين هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، پر حڪومت طرفان
انڪار بعد گذريل ڏينهن بن قاسم ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون آفيسن
اڳيان سوين ڪارڪنن مير عباس، رئوف بلوچڇ، اختر عارفاڻي،
محراب بلوچ، امين جوکيو جي اڳواڻي ۾ صبح 9 وڳي پهچي ڌرڻو
هنيو. ان موقعي تي ٻنهي ٽائون آفيسن ۾ موجود سموري عملي کي
ٻاهر ڪڍي تالا هنيا ويا ۽ ٽائون ايڊمنسٽريٽر ايوب مري ۽
مهدي شاهه ٻاهر بيٺي بيٺي واپس هليا ويا. هوڏانهن پاڪستان
پيپلز پارٽي ملير ضلعي جي صدر راجا رزاق ۽ جنرل سيڪريٽري ۽
صوبائي ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي جي صدر
نجمي عالم کي وزيراعليٰ جي هدايتن تي فوري طور سي ايم
هائوس طلب ڪيو ويو، جتي عهديدارن ۽ وزيراعليٰ وچ ۾ اجلاس
ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي عهديدارن موجوده ايڊمنسٽريٽرز
کي هٽائي پنهنجا تجويز ڪيل ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو مطالبو
ڪيو، جنهن تي وزيراعليٰ عهديدارن طرفان پيش ڪيل نالا رد
ڪندي موجوده ايڊمنسٽريٽرز کي هٽائي نوان ايڊمنسٽريٽر بن
قاسم ٽائون لاءِ نادر وساڻ ۽ گڏاپ ٽائون لاءِ گل حسن ڪلمتي
کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو. ان بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو
ويو. |
|
|
|
|
|
|