بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي

راولپنڊي (م ڊ): راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اڊيالا جيل ۾ خاص عدالت جي جج چوڌري حبيب الرحمان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌا ويا. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  شهيد بينظير ڀٽو قتل  ڪيس ۾ اعزاز شاهه ۽ حافظ رشيد سميت پنجن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيل آهي، پر حڪومتي درخواست تي ڪيس جي باضابطه ٻڌڻي روڪيل آهي.