|
متحده ۽ اي اين پي ٽارگيٽ ڪلنگ جي جڊيشل انڪوائريءَ جو
مطالبو ڪري ڇڏيو |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) : اي اين پي ۽ متحده سنڌ جي وڏي وزير
سيد قائم علي شاهه کان ويجهي ماضي ۾ ڪراچي ۾ٿيل ٽارگيٽ
ڪلنگ جي جڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو
مطالبو ڪالهه مردان هائوس ۾ متحده جي رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ
۽ صوبائي وزير هارون رضا جي اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد
سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ويو. ان
موقعي تي شاهي سيد، امين خٽڪ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. متحده
جو وفد صوبائي وزير هارون رضا جي اڳواڻي ۾ مردان هائوس
پهتو جتي هن اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد، امين خٽڪ ۽
ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مڪاني چونڊن، گڏيل
اتحاد ۽ ڪراچي سميت ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽
متحده طرفان اي اين پي کي نائين زيرو تي اچڻ جي پڻ دعوت
ڏني وئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي نيشنل
پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو ته ڪراچي اسان سڀني جو شهر
آهي. اسان کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته
ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪير به ملوث هجي ان کي بي نقاب ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ طالبان به پڪڙيا پيا وڃن. هن چيو ته هن
ملاقات مان ڪيترو فائدو ٿيندو اهڙيون اڳڪٿيون پير پاڳارو
ڪندو آهي مان نه ڪندو آهيان. ان کانپوءِ متحده جي صوبائي
وزير رضار هارون چيو ته اسان شهر ۾ امن قائم ڪرڻ چاهيون ٿا
۽ اي اين پي اسان جي اتحادي جماعت آهي. هن چيو ته الطاف
حسين ۽ اسفنديار ولي ۽ صدر آصف علي زداري ۾ اتحاد آهي ۽
اسان انهن اڳواڻن جي ويزن تحت اڳتي وڌي رهيا آهيون.
ڀائيچارو قائم ڪرڻ لاءِ هتي مردان هائوس تي آيا آهيون ۽ اي
اين پي کي به نائن زيرو اچڻ جي دعوت ڏني آهي. هڪ سوال جي
جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ ويجهي ماضي ۾ ٿيل ٽارگيٽ ڪلنگ جي
انڪوائري لاءِ اسان ٻئي ڌريون وڏي وزير سيد قائم علي شاهه
کان جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ٿا ڪريون ته جئين اصل
ڏوهاري ظاهر ٿين. هن چيوته پ پ، متحده ۽ اي اين پي جي
ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ڪري شهر ۾ امن ۽ ڀائيچارو آهي. هن چيو
ته ملڪ جي حالتن تحت اتحاد، ٻڌي ۽ قومي مفاهمت ئي سڀ کان
سٺو رستو آهي ۽ اهو ملڪي سلامتي لاءِ ضروري آهي. |
|
|
|
|
|
|