سوات ۾ طالبان ڪمانڊر مولانا ريڊيو 5 ساٿين سميت مارجي ويو، 2 سک مغوي بازياب

پشاور (م ڊ): سوات ۾ طالبان ڪمانڊر مولانا محمد عالم 5 ساٿين سميت مارجي ويو آهي، بنون ۾ فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 شڪي دهشتگرد مارجي ويا آهن.  مقامي ذريعن موجب مولانا محمد عالم ۽ سندس ساٿي شمس الحق سميت 5 ساٿين جا لاش بحرين واري علائقي مدين ۾ واقع هڪ مدرسي مان هٿ آيا آهن. طالبان ڪمانڊر مولانا محمد عالم کي مولانا فضل الله جو نائب  مقرر ڪيو ويو هو ۽ هو هڪ غيرقانوني ايف ايم ريڊيو هلائيندو هو. مولانا محمد عالم جي جيئري يا مرده حالت ۾ گرفتاري تي هڪ ڪروڙ رپيا انعام رکيل هو.  ٻئي پاسي بنون جي خواجه خٽر چيڪ پوسٽ تي موجود اهلڪارن هڪ شڪي گاڏي کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن جا لاش پوليٽيڪل انتظاميا حوالي ڪيا ويا آهن. فورسز ميران شاهه روڊ تان 3 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي، جن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار مليا آهن. آءِ ايس پي آر موجب اغوا ڪيل  ٻن سکن کي بازياب ڪرايو ويو آهي.