|
چيف جسٽس هڪ ڏينهن ۾ 50 ڪيس اڪلائي ڇڏيا، انصاف ۾ دير صحيح
ناهي: جسٽس افتخار |
 |
|
پشاور (م ڊ): سپريم ڪورٽ پشاور رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس
افتخار محمد سميت ڇهن ججن تي ٻڌل ٽن ڊويزنن 50 ڪيس اڪلائي
ڇڏيا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن سالن
تائين ڪيس التوا هيٺ رهيا ته عوام جو اعتماد بحال نه ٿي
سگهندو. چيف جسٽس، جسٽس افتخار محمد چوڌري سميت ڇهن ججن تي
ٻڌل ٽن ڊويزن بئنچن 60 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جن مان 50 ڪيس
اڪلايا ويا. هڪ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس افتخار محمد
چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عدالت ۾ سالن تائين ڪيس
التوا هيٺ هوندا ته پوءِ عوام جو اعتماد ڪيئن بحال ٿيندو.
چيف جسٽس، هڪ ٻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته
عدالت سرڪاري ملازمن جي موڪلن بابت فيصلا ڏينديون ته
ڊسپلين متاثر ٿيندو. |
|
|
|
|
|
|