ڪراچي مان تحريڪ طالبان افغانستان ۽ پاڪستان جا 2 اهم ڪمانڊر گرفتار

ڪراچي (م ڊ): قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي مان تحريڪ طالبان افغانستان ۽ پاڪستان جي ٻن اهم ڪمانڊرن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. نجي ٽي وي چينل موجب ڳجهي اطلاع تي حساس ادارن طالبان ڪمانڊر طيب يويلزئي ۽ حڪيم الدين محسود کي گرفتار ڪيو. ذريعن موجب ٻئي ڪمانڊر ملا عمر ۽ بيت الله محسود جا اهم ڪمانڊر آهن. گرفتاري کانپوءِ کين اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.