عوامي تحريڪ طرفان سنڌ ۾ شهنشاهت جو نظام قائم ڪرڻ خلاف تحريڪ جو اعلان

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو سنڌ جا شهر دهشتگردن ۽ جاگيردارن حوالي ۽ سنڌ ۾ شهنشاهت واري نظام  خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙو اعلان هن ڪالهه پليجو هائوس ۾ عوامي تحريڪ جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته 19 فيبروري تي عوامي تحريڪ پاران ڪيل پر امن ڪامياب هڙتال لاءِ اسان عوام جا شڪر گذار آهيون. اياز لطيف پليجو ٻڌايو ته موجوده حڪومت لوڪل گورنمينٽ نظام تحت ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ نوابشاهه دهشتگردن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي ضلعا سردارن ۽ جاگيردارن حوالي ڪري سنڌ ۾ شهنشاهت قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي اسان مخالفت ڪريون ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ واپڊا، ارسا، نيپرا ۽ پنجاب کان پنهنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪرڻ ۽ سنڌ کي دهشتگردن ۽ جاگيردارن کان آجو ڪرڻ لاءِ هڪ عوامي مهم ڀرپور نموني هلائي ويندي. جيڪا ۶ مارچ تي بدين کان شروع ڪئي ويندي. هن سنڌ جي سڀني اديب، دانشور، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽  سنڌ ۾ رهندڙ سڀني زبان ڳالهائيندڙ سنڌين کي اپيل ڪئي ته هن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، ان تحريڪ تحت 16 مارچ بدين، 21 مارچ سکر، 26 مارچ ڪنڌ ڪوٽ، 27 مارچ لاڙڪاڻي،10 اپريل عمر ڪوٽ، ۱۱ اپريل سانگهڙ، 15  اپريل ميرپورخاص، 17 اپريل تي ٽنڊو الهيار ۾ ريليون ، جلسا ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون. هن چيو ته فشر فوڪ فورم پاران اعلانيل سنڌ جي زراعت بچائڻ لاءِ ٺٽي کان پيدل مارچ جي حمايت ڪندي هن ۾  عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ڀرپور شرڪت ڪندا. هن چيو ته ۵ قومپرست پارٽيون ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنديون پر اسان جو مطالبو آهي ته سياسي وفادارين جي بنياد تي سرڪاري آفيسرن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ چونڊون شفاف ڪرايون وڃن. هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت ڪرپشن جو طوفان آيل آهي، پٽيوالي کان وٺي اعليٰ عهدن جي مقرري تي وڏي رشوت ورتي پئي وڃي، جنهن سان سنڌ بدنام ٿي رهي آهي. ان موقعي تي محمد خان ڀرڳڙي، سيد عالم شاهه، نور احمد ڪاتيار ۽ ٻيا موجود هئا.