اسٽيل ملز جو بورڊ آف ڊائريڪٽرس ٽوڙي چيئرمين کي هٽايو ويو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي اوڀر (رپورٽ : فدا شيخ) : وفاقي حڪومت پاران پاڪستان اسٽيل مل ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ مختلف ادارن جا چيئرمين جيڪي پاڪستان اسٽيل مل ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرس طور ڊيوٽيون سرانجام ڏين پيا جن ۾ چيئرمين پورٽ قاسم اٿارٽي اسد قريشي، چيئرمين پيپلز ورڪرز يونين سي بي سي شمشاد قريشي، ايم اين اي ملير شير محمد بلوچ، چيئرمين ڪي ٽي پي نسرين اختر، چيئرمين اسٽيل مل ايم ايم عثماني ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار شامل آهن. وفاقي حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي بورڊ آف ڊائريڪٽرس ٽوڙي ڇڏيو. نئين بورڊ آف ڊائريڪٽرس کي جوڙڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اندر نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جا امڪان آهن.