|
مشڪلاتن سبب غير مقبول فيصلا ڪرڻا پيا، فوج سان اختلاف
ناهن: زرداري |
 |
|
لنڊن (آن لائن): صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مشڪلاتن
سبب غير مقبول فيصلا ڪرڻا پيا. پارليامينٽ سان گڏجي ملڪ
هلائي رهيو آهيان. حڪومت ۽ فوج ۾ ڪي به اختلاف ناهن.
برطانوي اخبار ۾ لکيل ڪالم ۾ صدر چيو آهي ته آءِ ايم ايف
ڪرپٽ حڪومتن سان گڏ ڀائيواري نٿي ڪري، اسان جي دور جي
پاليسين کي ملڪي تاريخ ۾ ٽرننگ پوائنٽ سمجهيو ويندو.
پاڪستان کي تعليم، زراعت ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ پاڻڀرو
ٿيڻو پوندو. صدر آصف پنهنجي ڪالم ۾ لکيو هو ته وزيرستان تي
هڪ طرفي آمريڪي حملن تي خدشا آهن. اسان جي عوام دهشتگردي
کان ڊنل ناهي. |
|
|
|
|
|
|