رضا رباني جي اعتزاز سان ملاقات، آئيني نقطن کان آگاهي

اسلام آباد (آن لائن): پارلياماني آئيني ڪميٽي جي چيئرمين رضا رباني ڪالهه ناليواري قانوندان بيريسٽر اعتزاز احسن سان ملاقات ڪئي ۽ ان سان ڪميٽي متعلق آئيني ۽ قانوني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب رضا رباني پارلياماني ڪميشن ذريعي ججن جي مقرري جي سفارشن تي به اعتزاز احسن سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ان کان راءِ ورتي، اعتزاز احسن ان باري ۾ ڪيترائي اهم آئيني ۽ قانوني نقطا رضا رباني کي ٻڌايا.