|
مشرف ۾ پاڪستان موٽڻ جي همت ناهي، جرنلن پيشي ۽ فوج سان بي
وفائي ڪئي: نواز شريف |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ/ م ڊ): مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان
نواز شريف چيو آهي ته مشرف ۾ پاڪستان موٽڻ جي همٿ ناهي،
جرنلن پيشي ۽ فوج سان بي وفائي ڪئي. لاهور ۾ چونڊ جلسي کي
خطاب ڪندي ميان نواز شريف چيو ته زرداري سان بي لوث ٿي ڪم
ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، پر هن واعدا نه پاڙيا. هن چيو
ته سوئس اڪائونٽن ۾ پيل رقم واپس آندي وڃي. نواز شريف چيو
ته ملڪ جڏهن به ٽيڪ آف ڪري ٿو ته ڪو نه ڪو جنرل ٽيڪ اور
ڪري ٿو، جيڪو ماڻهو تڪ سان وفادار ناهي، اهو پارٽي سان
وفادار نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جج قيد ڪندڙ کي سلامي پيش
ڪئي وئي، سياستدانن جنرلن جون سلاميون ڏنيون، پر تنهن
باوجود آئين ٽوڙيندڙ ايوان صدر ۾ نه رهيو. |
|
|
|
|
|
|