|
آبي ذخيرن مان 95 هزار 726 ڪيوسڪ پاڻي جو ڇوڙ |
 |
|
اسلام آباد(اي پي پي) انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) گذريل
ڏينهن مختلف آبي ذخيرن مان 95 هزار 726 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو
آهي جڏهن ته مختلف آبي ذخيرن مان پاڻي جو مجموعي اوڀارو
وهڪرو 91 هزار 370 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ارسا طرفان جاري
انگ اکرن موجب سنڌو درياءَ ۾ تربيلا وٽ پاڻيءَ جي موجوده
سطح
1395.16
فوٽ آهي جيڪا 1369 فوٽ جي ڊيڊ ليول کان
26.16
فوٽ مٿاهين آهي. ڊيم مان پاڻيءَ جو اوڀارو وهڪرو 32 هزار
ڪيوسڪ جڏهن ته لهوارو وهڪرو 40 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
جهلم دريا ۾ منگلا وٽ پاڻيءَ جي موجوده سطح
1041.90
فوٽ آهي جيڪا 1040 فوٽ جي ڊيڊ ليول کان
1.90
فوٽ مٿاهين آهي. ڊيم مان پاڻيءَ جو اوڀارو وهڪرو 28 هزار
644 ڪيوسڪ جڏهن ته لهوارو وهڪرو 25 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو
ويو. |
|
|
|
|
|
|