جسٽس رمدي سميت 3 ججن جي مقرري چئلينج

لاهور (بيورو رپورٽ): سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جسٽس خليل الرحمان جي ايڊهاڪ بنياد تي سپريم ڪورٽ ۽ ٻن رٽائرڊ ججن جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقرريءَ کي چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست گذار بئريسٽر  ظفرالله موقف اختيار ڪيو آهي ته شيخ اختر ۽ احمد فاروق رٽائرڊ جج آهن، تنهن ڪري سندن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقرري غيرآئيني آهي. درخواست گذار سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ بنياد تي جسٽس خليل الرحمان رمدي جي مقرريءَ کي به چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته جسٽس رمدي جي مقرري واري سمري سندس رٽائرڊمينٽ کان اڳ موڪلي وئي هئي، تنهن ڪري اها مقرري بدنيتي تي ٻڌل آهي.