عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪ-هند سربراهن ۾ ملاقات جو امڪان

اسلام آباد (آن لائن): پرڏيهي کاتي چيو آهي ته امريڪي صدر براڪ اوبامه پاران نيوڪلئير سيڪورٽي جي حوالي سان 12 اپريل تي سڏايل عالمي سربراهي ڪانفرنس دوران پاڪ-ڀارت سربراهن وچ ۾ ملاقات جا امڪان آهن. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب امريڪي صدر پاران نيوڪليئر سيڪيورٽي جي حوالي سان سڏايل عالمي سربراهي ڪانفرنس 12 اپريل تي واشنگٽن ۾ ٿيندي. پرڏيهي کاتي موجب عالمي ڪانفرنس دوران پاڪ-ڀارت سربراهن وچ ۾ ملاقات ٿي سگهي ٿي.  25 فيبروري تي پاڪ – ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز جي نئين دهلي ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي حوالي سان ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن ۾ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته اپريل مهيني ۾ ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ ملاقات ٿي ته ان سان پاڪ – ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.