پاور پلانٽ اڳوڻي حڪومت جي نااهلي قرار، بجلي مهانگي ٿيندي: سرڪار اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (آن لائن): پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ کي ٻڌايو آهي ته حڪومت بجلي جي في يونٽ تي 3 روپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي، اها واپس وٺڻ سان بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيندي، ايم ڊي پيپڪو جو چوڻ آهي ته رينٽل پاورز پلانٽ مان بجلي نه ڪئي وئي ته 6 ڪروڙ مسواڙ ضرور ادا ڪرڻي پوندي. اسلام آباد ۾ پاڻي ۽ بجلي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي کي رينٽل پاور پلانٽس بابت بريفنگ ڏني وئي. ايم ڊي پيپڪو ڪميٽي کي ٻڌايو ته 2006ع ۾ لڳايل بجلي گهرن جي مسواڙ اڃا تائين ادا ڪئي پئي وڃي، تنهن ڪري بجلي حاصل نه ڪرڻ جي صورت ۾ سموري مسواڙ ادا ڪرڻي پوندي. ايم ڊي پيپڪو ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ته رينٽل پاور پلانٽس لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جو واحد طريقو آهي، ايشيائي ترقياتي بينڪ به پنهنجي رپورٽ ۾ 8 گهرن مان بجلي حاصل ڪرڻ جو چيو آهي. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن 3 ڪروڙ ڪيوسڪ فوٽ گيس فراهم ڪئي وڃي ته بجلي اگهن ۾ واڌ نه ايندي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين پرويز مشرف دور دوران 2006ع ۾ بجلي گهرن بابت ٿيل معاهدن تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهي معاهده اڳوڻي حڪومت جي وڏي نااهلي هئي.