|
ڪراچي مان گرفتار 3 دهشتگرد عدالت ۾ پيش، رمانڊ تي پوليس
حوالي |
 |
|
ڪراچي (م ڊ): ڪراچي جي هڪ عدالت عيد ميلاد النبي صلعم جي
جلوس ۾ دهشتگردي جي سازش جي الزام هيٺ گرفتار ٽنهي ڄڻن کي
5 مارچ تائين رمانڊ
تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جلوس تي حملي جي سازش جي
الزام هيٺ گرفتار پابندي مڙهيل تنظيم جي اسماعيل چانڊيو،
عبدالباقي ۽ يوسف چانڊيو کي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت
۾ پيش ڪيو ويو. عدالت پوليس جي رمانڊ واري درخواست تي ٽن
ڄڻن کي 5 مارچ تائين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. |
|
|
|
|
|
|