قتل جون ڌمڪيون  پيون ملن، حاضرين کان آجو قرار ڏنو وڃي: رحمان ملڪ

راولپنڊي (آن لائن): راولپنڊي جي احتساب عدالت وفاقي گهرو وزير خلاف بدعنوانين جي ٻن ريفرنسز جي ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، رحمان ملڪ چيو آهي ته کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، تنهن ڪري عدالت کي حاضرين کان آجو قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.  راولپنڊي جي احتساب عدالت نمبر هڪ جي جج طارق عباسي رحمان ملڪ خلاف ٻن ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير عدالت آڏو پيش ٿيو. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت کي حاضري کان آجو قرار ڏيڻ لاءِ درخواست ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته کيس ڪيترائي ڀيرا ڌمڪيون مليون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگرديءَ جو نئون ٽرينڊ سامهون اچي ويو آهي، جنهن ذريعي طالبان ملڪ ۾ فرقيواراڻا فساد ڪرائي رهيا آهن. هن چيو ته هو پاڻ سان گڏ ٻين جي زندگي کي خطري ۾ نٿو وجهي سگهي، تنهن ڪري عدالت حاضرين کان آجو قرار ڏئي.