ٺري ميرواهه: بم ڌماڪي جا 4 زخمي پنوعاقل ڇانوڻي منتقل، ڪيس داخل، 20 شڪي گرفتار

خيرپور/ٺري ميرواهه/بوزدار وڏا/سيٺارجا (نمائندن وٽان) ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ هنڊياري ۾ حاجي نجم اسلامي جي گهر ۾ ٿيل بم ڌماڪي جو ڪيس ٺري ميرواهه ٿاڻي تي ايڊيشنل ايس ايڇ او ٺري ميرواهه شوڪت علي ڪُٻر جي فرياد تي گناهه نمبر 2010/33 نامعلوم ماڻهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي. ٺري ميرواهه پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي منظور، ارشاد، بگن، ڪانڊيرو، ماڻڪ، فيصل ۽ بخشڻ سميت 20 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ 4 زخمين جن ۾ فوجي حمزه، نجم الدين، مسمات ڪمالان ۽ وڌڻ کي نازڪ حالت ۾ پني عاقل ڇانوڻي جي سي ايم ايڇ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. هنڊياري ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي جاچ ۾ ڪا به اڃا تائين اڳڀرائي نه ٿي آهي. جڏهن ته ڊي پي او خيرپور، ايس ايڇ او ميرواهه مير امداد ٽالپور صحافين کي ٻڌايو ته هاڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ جاري آهي. ڊي پي او خيرپور پير محمد شاهه، ايس پي او ٺري ميرواهه اقبال جمالي جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم جوڙي آهي. هوڏانهن اسلامين جي گهرن کي پوليس جو اڃا تائين ڪڙو برقرار آهي ۽ پوليس چونڪي قائم ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پنوعاقل ڇانوڻي مان ليفٽيننٽ ڪرنل جي اڳواڻي ۾ ٽيم هنڊياري پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ ٺري ميرواه پوليس کان ڄاڻ ورتي.