پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ قانون حڪومت جو اهم ڪارنامو آهي: تعليمي معيار بلند ڪرڻ لاءِ جاکوڙيون پيا: انتيا غلام علي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ تعليم واري اڳوڻي صوبائي وزير پروفيسر انيتا غلام علي چيو آهي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن آءِ اي ايل پي تحت پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي ٻهراڙي ۾ 1500 خانگي ۽ ڪميونٽي اسڪولن جو معيار وڌائڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي. سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ قانون کانپوءِ خانگي شعبو حڪومت سان سولائي سان گڏجي ڪم ڪري سگهندو. اسان جو مقصد معياري تعليم فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ روزاني ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان 1992ع کان وٺي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ڳالهه ڪندا پيا اچون. موجوده عوامي حڪومت پي پي پي قانون منظور ڪري تاريخي ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته سماج کي گڏ کڻي هلڻ کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن ناهي، تنهن ڪري ايس اي ايف شروع کان وٺي سرڪاري خانگي شرڪتداري تي زور ڀريندي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي قيام سان ٻهراڙين ۾ ٻارن سان گڏ عورتن کي به فائدو رسيو آهي. اسان جو بنيادي مهور ٻار آهي. اسان هر پروگرام ۾ مائرن جي شرڪت لازمي قرار ڏيندا آهيون، ڇو ته مائرن جي شرڪت کانسواءِ تعليمي ترقي ممڪن ناهي. ماءُ اڻپڙهيل به هوندي تڏهن به ٻارن جي لاءِ سرگرمين ۾ حصو وٺندي. هن چيو ته اسان جو مقصد فقط اسڪول کولي تعليم ڏيڻ ناهي پر اسان معياري تعليم ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ ان مقصد ۾ ڪامياب ويا آهيون، اسان حڪومت جو حصو ته آهيون پر نصاب کي جديد گهرجن جي بنياد تي تيار ڪري ٻار کي پڙهايون ٿا. اسان وٽ استادن جي سکيا جو مدي خارج نظام ناهي. اسان جديد ۽ سائنسي بنيادن تي استادن جي تربيت ڪريون ٿا. اسان تعليم سان گڏ ٻار جي صحت تي به ڌيان ڏيون ٿا. هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن 1500 استادن کي پگهار ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ٻه هزار جي لڳ ڀڳ نوان اسڪول ٺهن پيا، جن ۾ پڻ عملو ڀرتي ڪيو ويندو. اسان جي عملي ۾ 70 سيڪڙو عورتون آهن. هن چيو ته اربين رپين خرچ ڪرڻ جي باوجود تعليم جي شعبي ۾ گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا آهن. هن چيو ته عالمي بينڪ ۽ ٻيا مالياتي ادارا اسان جي ڪم مان خوش آهن، تنهن ڪري اهي اسان جي منصوبن لاءِ فنڊنگ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن.